Friday, July 8, 2016

تون مونکي ياد اڄ به آهين

ليکڪ: رضوان احمد ميمڻ

انسان هونءَ ته دنيا جا سڀ ڏک ۽ اذيتون سهي وڃي ٿو، پر جڏهن ڪنهن پرين پياري جي جدائيءَ جو غم وڪوڙي ٿو ته پل ۾ شيشي جيئان ٽوڙي چڪنا چور ڪري ڇڏي ٿو. ڇو ته وڇوڙي جو درد تمام تڪليفده هوندو آهي. ساوڻ جي برساتن ۾ جڏهن پنهنجي ساجن جون يادون ڪڙڪا ڪن ٿيون ته من کي موهي وجھن ٿيون. پوءِ دل بي اختيار ٿي سڏڪا ڀرڻ لڳندي آهي.

اهڙو ئي درد مون ارشاد جي نيڻن ۾ جھاتي پائي محسوس ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي اکڙين ۾ هاڻي لڙڪ ناهن هوندا، هن جا ٿڌا ساهه هن جي درد ڪٿا بيان ڪندا آهن. مسجد ۾ سجدا ڏئي، سنڌوءَ جي ڪناري تي ريڊيو ٻڌي، ٽيوشن پڙهائي يا ڪڏهن عاقل جي اسٽان تي هوٽل ۾ چانهن پي هو دل وندرائيندو رهندو آهي. پر هن کان سندس محبوب اڃا وسريو ناهي.

هر وقت کيسي ۾ هڪ تصوير ساڻس گڏ هوندي آهي. اها تصوير پنهنجي سوٽِ دلشادِ جي هوندي اٿس. اها تصوير انهن پنهنجي ننڍپڻ ۾ اسڪول جي آخري ڏينهن تي گروپ ڦوٽو ۾ ڪڍرائي هئي. دلشادِ ارشادَ سان پنج درجا گڏ پڙهي هئي. بعد ۾ دلشاد جا گھر وارا ڄامشوري لڏي ويا هئا. ارشاد جي دل ۾ دلشاد لاءِ ان وقت جاءِ پيدا ٿي هئي، جڏهن ننڍپڻ ۾ دلشاد ۽ ارشاد ڄڃ سان وڏيرن ڏي ڏاجو ڏيکارڻ ويا هيا. دلشاد ارشاد جي سوٽِ هئي. ان وقت انهن جي ڳوٺ ۾ رواج هوندو هو ته هر وِهانءَ شاديءَ تي ڳوٺاڻان وڏيرن کي ڏاجو ڏيکاريندا هئا.  وڏيرن جي باغيچي مان ارشاد گلاب جا گل پٽيا. ”ارشاد ٻه ٽي گل مونکي ڏيندين؟“ دلشاد ارشاد کي چيو. هن سڀ گل دلشاد کي هڪ لفظ به نه ڪڇندي ڏئي ڇڏيا.

  وقت جي وهڪري ارشاد کي ڇا ڇا نه سيکاريو آهي؟ خاموشيءَ سان سڏڪا ڀرڻ، ڏک کي لڪائڻ،  ۽ چهري تي مرڪ سجائڻ جو هن فن سکي ورتو آهي. چوندا آهن ته دل درياهه هوندي آهي. اهو پهاڪو مونکي تڏهن مڪمل طور تي سمجھه ۾ آيو جڏهن مون ارشاد جي دل ۾ ڇلڪندڙ ڇولين جو آواز ٻڌو.

سياري جو آچر جي شام هجي ۽ مان واڪ لاءِ سنڌوءَ جي ڪپ تي نڪتل هيس. منهنجي ملاقات اڪثر ڪري ارشاد سان واڪ دوران ئي ٿيندي آهي. ارشاد کي خبر نه هئي ته مان ان جي پٺيان بيٺو آهيان. هو نم جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي هلڪي آواز سان ڪنهن سان مخاطب هو.

”هاڻي تون ڏاڍي پڪي ٿي وئي آهين. ايتري پڪي جو خوابن ۾ به اچڻ ڇڏي ڏنو اٿئي. شايد تون ڄامشوري جي هوائن ۾گم ٿي وئي آهين. پر مونکي تون ياد اڄ به آهين. هن وقت تائين توکان سواءِ ٻئي ڪنهن جي باري ۾ سوچيو ناهي. دل تنهنجي يادن سان آشنا رهي ٿي.  تنهنجي وڇڙڻ جو درد من کي جھوريندو رهي ٿو. پر تنهنجي ملڻ جي آس جيئاريندي رهي ٿي.“

جڏهن مان ارشاد جي اڳيان وڃي بيٺس، ته ڏٺم ته تصوير سان ڳالهائي رهيو هو. هن جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهي رهيا هئا. هو مونکي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو:

”رضوان يار ڏس نه ڀلا ائين ڪبو آ، اڄ اٺون مهينو پورو ٿيس جو نه ڳوٺ آئي آهي ۽ نه ئي فون تي رابطو ڪيو اٿئين! پنهنجو نمبر به بند اٿس. هر هفتي ڪال ڪندي هئي، پر هاڻي خبر ناهي ڇو ايترا ڏينهن ٿي ويا اٿس جو ڪال ئي نه ڪئي اٿئين.“

”تون پاڻ ڇو نه ٿو چڪر هڻي اچين؟ اهو گھر به ته تنهنجي چاچي جو گھر آهي؟“

”ها يارَ، پر بابا جي وفات کانپوءِ منهنجي ڀائرن جو چاچا سان سٺو تعلق نا هي رهيو. ملڪيت جي ڪري اهي پاڻ ۾ ناهن ڳالهائيندا.“

مون ارشاد کي آٿت ڏيندين چيو ته هوءَ ضرور ڪال ڪندي. ان ڏينهن مونکي احساس ٿيو ته ننڍپڻ جي پيار ۾ ڪيتري ته شدت هوندي آهي.

هڪ ٻيو مهينو گذري ويو، پر دلشاد جِي ارشاد کي ڪا به ڪال نه آئي. هو ڏاڍو پريشان هو. مون هن کي چيو، ”تون دلشاد کي چاهين ٿو ته پوءِ تون پنهنجي گھر وارن کي رشتي لاءِ ڇو نه ٿو موڪلين؟“

”مان هميشه سمجھندو هيس ته منهنجي ڀائرن جا چاچي جن سان تعلقات بهتر ٿيندا. مان صحيح وقت جو انتظار ڪندين ڪندين 20 سال گذاريا آهن. پر هاڻي مان امان کي چوندس.“

ٻئي ڏينهن ارشاد ٻڌايو ته هن جي ماءُ هن کي چيو، ”تنهنجا ڀائر گھر جا وڏا آهن. مان انهن کي چوندس ته اهي تنهنجو رشتو کڻي وڃن. پوءِ مان به ويندس. جيڪڏهن مان انهن جي اجازت کان بنا ويندس ته هو ناراض ٿيندا.“

مون ارشاد کي دلاسن سان ٽيڪ ڏني ته هن جا ڀائر رشتي لاءِ ضرور ويندا. اسان جي معاشري ۾ عورت کي فيصلن ڪرڻ جو اختيار گھٽ هوندو آهي. ويچاري امڙ ڇا ڪري ڀلا هوءَ پنهنجي پٽن کان ڊڄي ٿي.

ٽي ڏينهن گذري ويا ارشاد مونکي ڪٿي به نظر نه آيو. مان هن کي ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيس. خبر پئي ته هو شام جو پرائمري اسڪول ۾ وڃي ويهندو آهي. ان اسڪول ۾ هن جون دلشاد سان يادون جڙيل هيون. ”ڇو ڀلا اڃان ته مڳڻي به ناهي ٿي اڳ ۾ ئي لفٽ ناهي؟“ ارشاد کي مون چيو.

”مڳڻي ٿيندي به نه!“ هن غصي ۾ وراڻيو.

مون اندازو لڳايو ته ڪجھه گڙ ٻڙ آهي. ”ڪجھه ٻڌاءِ نه ڇو نه ٿيندين؟“

”يار امان ڀائوءَ سان ڳالهه ڪڍي هئي. منهنجي وڏي ڀاءَ مونکي چيو وڏو عاشق پٽ ٿيو آهين! تو ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻه اڌا ناهي ڪيو، تون ڇا گھر هلائيندين! دلشاد جو پيءُ اسان کي رشتو ڪڏهن به نه ڏيندو.“ مان ڀائوءَ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو منهنجي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هو پاڻ ته پنهنجي زال ۽ ٻارن سان خوش آهي، پر مونهنجي خوشئَ جي هن کي ڪا پرواهه ناهي. رضوان، يار تون ئي ٻڌاءِ ڪهڙي ڪمي آهي مون ۾؟ ماسٽرز جي ڊگري آهي، صحتمند آهيان، ٽيوشن پڙهائي مهيني ۾ اٺ ڏهه هزار ڪمائي ويندو آهيان. الله چاهيو ته ڪا نه ڪا نوڪري به ملي ويندي.“

”بلڪل ڇو نه. سڀ کان وڏي ڳالهه ته دلشاد تنهنجي پنهنجي رت آهي. رت جي رشتن کان ڪي ٻيا ته رشتا وڌيڪ ناهن هوندا. تون پريشان نه ٿي الله سائين ڀلي ڪندو.“

”ڪيئن پريشان نه ٿيان؟ هاڻي تنهنجي آٿتن ۾ ڪوئي اثر ڪونهي. هاڻي منهنجي دل شيشي جيان ٽٽي پئي آهي. ڀائوءَ ۾ اها اميد نه هئي. جنهن طرح سان هن منهنجي جذبات جي مذاق اڏائي مونکان وسري ڪونه سگھندي. ارشاد ڪافي دير تائين خاموش ٿي ويو ۽ اچانڪ مونکي چيائين، ”اڄ مونکي پنهنجي ڪا درد ڀري شاعري ٻڌاءِ.“

”ڇڏ شاعريءِ کي.“

”نه ٻڌاءِ.“

”چڱو ڀلا. هي مون ڪلهه لکي:
دل چري آ تو لاءِ
تون دل کي ڌار نه ڪر.
پيار ڏئي مونکي
پري يار نه ڪر.
کولي اظهارڪر
ڳالهيون ڪل ٻه چار ڪر.
هاڻي اچي مل
 روح رهاڻ ڪر.“

”يار رضوان، تون به مونکي عشق جو سٽيل لڳندو آهين،“ ارشاد مونکي چيو. مان ٽهڪ ڏئي وراڻيو ته هتي ڪير سٽيل ناهي؟ هر ڪنهن چهري ۾ هڪ لڪيل ڪهاڻي آهي. بس وقت سان اسان مان ڪيترائي ڌڪ پچائي وري جيئڻ لڳندا آهن.

”هل، ٻيو شعر ٻڌاءِ.“


”اچ توکي دل جا حال ٻڌايان،
هن اڪيلاين جا کولي باب ٻڌايان.

ياد جو ايندو آهين،
لڙي لڙڪ پوندا آهن.

اچ ته توکي
ان سڏڪن جا آواز ٻڌايان.“

هي شعر ٻڌڻ سان ئي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. ۽ چيائين، ”مان ڀائوءَ کي وري به منٿ ڪندس.“

مونکي ارشاد جي مخلص محبت ۽ اوسيئڙي جو ايترو ته احساس ٿيو جو مان وڃي ان جي ڀاءَ ڪريم سان مليس. ارشاد جي رشتي لاءِ چاچي ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو مانس. اڃان مان ڳالهه مس ئي پوري ڪئي ته هن مونکي چيو، ”ڀائو هي اسانجو گھرو مسئلو آهي. اسان ڄاڻون اسان جا  ڪم. تون ڪير ٿيندو آهين اسان جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ وارو؟“

مونکي هميشه سنڌي هجڻ تي ناز هوندو آهي. پر ان ڏينهن مونکي وري به احساس ٿيو ته اسان مان ڪيترائي سنڌي محبت جا دشمن آهن. سنڌي ٽوپي ڪريم وانگر مٿي تي سجائي پاڻ کي معتبر محسوس ته ڪندا آهن. پر حقيقت ۾ وڏا ظالم هوندا آهن. نفرتون پکيڙڻ ته ڪوئي انهن وٽان سکي. بهرحال، سڀ سنڌي ائين به ناهن. پر سچ ته اهو آهي جو سنڌي ٽوپي مٿي تي سجائڻ سان يا سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سان ڪو سنڌي ڪونه ٿيندو آهي. اصلي سنڌيءَ جي دل ۾ ته محبت جو مچ ٻرندو آهي. اصلي سنڌيءَ ته هميشه محبت جي ڳالهه ڪئي آهي. پوءِ اها محبت خدا سان هجي، ان جي ٻانهن سان هجي، يا ڌرتيءَ سان هجي. محبت ته محبت هوندي آهي. شاهه، سچل، ۽ ساميءَ محبت جو ئي پيغام ڏنو آهي. خبر ناهي محبت جا ويري سنڌ ڌرتيءَ جو نالو نفرتن سان ۽ عزت ۽ غيرت جي نالي تي ڇو خراب ڪرڻ تي اُتِريل آهن. اسان سنڌي ته مهماننواز ۽ محبتي آهيون. محبت ته انسان جي فطرت ۾ آهي. پوءِ هن پاڪ پوتر جذبي جي اهڙي طرح تذليل ڇو ڪيون؟ محبتن جي بجاءِ نفرتون ڇو پيدا ڪيون؟ اسان جو ذري گهٽ هر گهر گهرو اڻبڻت جو ڇو ڇڪار آهي؟ لڳي ٿو اسان مرشد ڀٽائيءَ جي پيغام کي بلڪل پٺي ڏئي ڇڏي آهي.

خير، ڪجهه ڏينهن کان بعد ۾ خبر پئي ته ارشاد گهر ڇڏي ويو آهي. مان پريشان ٿي ويس ڪافي ڏينهن تائين هن جي ڪا خبر نه هئي. جون جي پهرين تي هو واپس ڳوٺ آيو ۽ مونسان اچي مليو.

هن مونکي ٻڌايو ته:

”مان ڄامشوري ويو هيس. مان دلشاد سان مليس. هن جي محبت مون لاءِ ايتري ئي شديد آهي جيتري منهنجي هن لاءِ آهي. بس هن جو پيءُ به منهنجي ڀاءَ وانگر پنهنجي انا ۾ جڪڙيل آهي. دلشاد مونکي ٻڌايو ته هن جي شادي ڪنهن امير سان رٿي وئي هئي. هن خدڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڊاڪٽر هن جي زندگي بچائي ورتي. هن پنهنجي پيءُ کان پنهنجي شاديءَ جو حق بخشرايو آهي. هن جي پيءَ هن کان قسم ورتو آهي ته هوءَ مونسان ڪڏهن به رابطو نه ڪندي. دلشاد مونکي چيو ته هوءَ مونکان سواءِ دنيا ۾ ٻئي ڪنهن جي به نه ٿيندي. هن دنيا ۾ نه سهي، اسين آخرت ۾ گڏ هوندا سين.“


بس ان ڏينهن کان وٺي ارشاد جي چهري تي هڪ خاموشي رهندي آهي. گھٽ گھٽ ڳالهائيندو آهي. جڏهن ملندو آهي ته شاعري ٻڌائڻ لاءِ چوندو آهي. هن جو درد هاڻي ان ليول تائين پهتو آهي جتي درد تڪليف جي بجاءِ راحت ڏيندو آهي ۽ اها محبت جي جيت آهي.
Post a Comment